سنڌي لنگئافون ٽيڪسٽ بڪ

سنڌي لنگئافون ٽيڪسٽ بڪ

سنڌي لنگئافون ورڪ بڪ

سنڌي لنگئافون ورڪ بڪ

سنڌي لنگئافون ٽيڪسٽ بڪ

سنڌي لنگئافون: ٽيڪسٽ بڪ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بنيادي مقصدن: سنڌي زبان جي تدريس (Teaching of Sindhi Language)، سنڌي زبان جي دفترن ۾ استعمال (Official use of Sindhi Language) ۽ سنڌي زبان جي ترقي ۽ واڌويجهه (Promotion & development of Sindhi Language) کي آڏو رکندي، مختلف دؤرن ۾، مختلف چيئرمئنن، ڪيترا ڪم ڪيا. ان ڏس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سنڌي زبان نه ڄاڻندڙ سرڪاري ملازمن ۽ عام شهرين لاءِ تدريسي ڪلاس هلايا ويا. خاص ڪري ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وقت ۾ ڪلاسن هلائڻ سان سنڌي زبان سيکارڻ واري مقصد لاءِ ڪتابن ۽ ڪئسيٽن جي تياريءَ طرف ڌيان ڏنو ويو ۽ سنڌي زبان جي تدريسي اصولن کي سامهون رکي، ’اسڪيم آف اسٽڊيز‘ (Scheme of Studies) تيار ڪئي وئي ۽ ماضيءَ ۾ غير سنڌين لاءِ اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپايل ڪتاب نظر مان ڪڍيا ويا ۽ جديد دور جي تقاضائن ۽ تيز ترين مواصلاتي ضرورت کي محسوس ڪندي دنيا جي ترقي يافته ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقي هيٺ، سنڌي زبان سِکڻ لاءِ سنڌي لنگئافون (Sindhi Linguaphone) تيار ڪيو ويو، جنهن جي پئڪيج ۾ هڪ ٽيڪسٽ بڪ، هڪ ورڪ بڪ ۽ ڇهه آڊيو ڪئسيٽون تيار ڪيون ويون. ٽيڪسٽ بڪ ۽ ورڪ بڪ جو مواد ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو ۽ ورڪ بڪ جون تصويرون نامور آرٽسٽ علي اڪبر سومري کان ٺهرايون ويون ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد قاسم ماڪا جي سهڪار سان ڪتابن جي تياريءَ بعد آڊيو ڪئسيٽن جي رڪارڊنگ ڪئي وئي. ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو جي سول لائين حيدرآباد واري گهر جي هڪ ڪمري کي اسٽوڊيو طور ڪم آندو ويو ۽ ڇهن آڊيو ڪئسيٽن جو سيٽ محترمه ماهين هيسباڻيءَ ۽ محمد قاسم ماڪا جي پٽ آفتاب ڪاڪا جي آوازن ۾ مڪمل رڪارڊ ڪيو ويو.
سنڌي لنگئافون جي هن پئڪيج وسيلي سنڌي زبان جي نصاب کي ڪلاس روم بدران آڊيو ڪئسيٽن ۾ بند ڪيو ويو آهي. فاصلاتي تعليمي نظام جي هن جديد تدريسي طريقي جي مدد سان، خود سکيا (self learning) وسيلي زبان سکڻ جا اصول ۽ طريقا ڪم آندا ويا آهن. ٽيڪسٽ بڪ جي مواد کي 18 يونٽن ۽ ڪيترن سبقن ۾ ورهايو ويو آهي. هر سبق سنڌي زبان جي قاعدي جو هڪ حصو آهي، جنهن ذريعي سنڌي زبان جو صوتياتي نظام، گرامر، عام گفتگو، اصطلاح، عام ڳالهه ٻولهه ۾ ڪم ايندڙ لفظن جو ذخيرو، چوڻيون وغيره چڱيءَ ريت سکي سگهجن ٿيون.
هن ڪتاب ۾ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان سنڌي نصاب جو خود تدريسي طريقو (self learning system) ۽ استادن لاءِ هدايتون شامل آهن. آڊيو ڪئسيٽن جي رهنمائيءَ ۾ ٽيڪسٽ بڪ ذريعي زبان سکڻ کانپوءِ ورڪ بڪ خود تدريسي ۽ خود آزمائشي طريقي موجب ڄڻ ته هڪ استاد آهي ۽ هي طريقو فاصلاتي تعليمي نظام (Distance Teaching system) جي اصولن موجب آهي.
ٽڪيسٽ بڪ جو مهاڳ اٿارٽيءَ جي ان وقت جي سيڪريٽري تاج جويي جو لکيل ۽ ڪتاب جو پيش لفظ ۽ مواد ڊاڪٽر الانا جو تيار ڪيل آهي.
ڊبل ڪرائون سائيز جي 407 صفحن تي مشتمل ٽيڪسٽ بڪ توڙي ساڳيءَ سائيز جي 224 صفحن تي مشتمل ورڪ بڪ ۽ ڇهن ڪئسيٽن تي مشتمل مڪمل پئڪيج، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ، 1999ع ۾ تيار ڪيو ۽ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن مڪمل پئڪيج جي قيمت پاڪستان اندر 600 روپيا ۽ پاڪستان کان ٻاهر 50 آمريڪي ڊالر رکي وئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو